ڀٽي نور محمد پرواز

ڀٽي ، نور محمد ’پرواز ‘: شاعر نور محمد’پرواز ‘ ذات جو ڀٽي هو ، جيڪو بدين ۾ ڄائو . تعليم سنڌي فائنل هئس ، ادبي دنيا ۾ مزاحيه سنڌي شاعر طور مشهور هو . پرائمري استاد طور تعليم ۽ تدريس جو سلسلو جاري رکيائين . 1961ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ” تند تنوار “ شايع ٿيو ، 1971ع ۾ وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو